عباد بن بشر رضي الله عنه

عباد بن بشر رضي الله عنه: حضرت عباد رضه جي ڪنيت ابو البشر ۽ ابو رافع هئي. پاڻ مشهور اصحابي حضرت مصعب بن عمير رضه جي ذريعي اسلام جي دعوت قبول ڪري اسلام ۾ داخل ٿيو. پاڻ سڀني غزون (جنگين) ۾ کلي ڪري حصو ورتائين. خندق واري جنگ جي موقعي تي حضور نبي ڪريم صه جن جي خيمي جو پهرو ڏنائين. سن 9 هجريءَ ۾ کيس مدينه ۾ صدقن جي وصوليءَ جو عملدار بڻائي موڪليو ويو، جتي پاڻ انهيءَ ڪم سان گڏ اسلامي تبليغ جو ڪم به وڏي سرگرميءَ سان ادا ڪيائين. تبوڪ واري غزوي جي موقعي تي رات جو پهرو ڏيندڙ گشتي مجاهدن جو عملدار هو. انصاف ۾ وڏي فضيلت وارو شخص هو ۽ وڏن اصحابن ۾ ڳڻيو ويندو هو. حضرت عباد بن بشير رضه تمام گهڻيون حديثون پڻ گڏ ڪيون هيون، جن مان ڪجهه مروج حديثن جي ڪتابن ۾ موجود ۽ کانئس روايت ٿيل آهن. بنو مصطلق کي روزانو قرآن مجيد ٻڌائيندو هو ۽ کين ضروري مسئلن کان واقف ڪندو هو. هو گهڻو ڪري رات جاڳي گذاريندو هو ۽ سڄي رات عبادت ڪندو رهندو هو. حضرت عباد رضه 11 هجريءَ ڌاري جنگ يمامه دوران پنجيتاليهن سالن جي عمر ۾ شهادت ماڻي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو